جانورن جي طب

جانورن جي طب (ڪتاب): هن ڪتاب جو مصنف آسودو مل باگو مل عيدناڻي آهي. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرين ڀاڱي ۾ دوائن جي خاصيتن ۽ وزنن بابت معلومات ڏني وئي آهي ۽ ٻئي ڀاڱي ۾ وچڙندڙ ۽ ٻين مکيه بيمارين جي علامتن، علاج ۽ انهن کي روڪڻ جا اپاءَ ڄاڻايل آهن. ڊيمي سائيز ۾ 147 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب انگريز سرڪار طرفان 1902ع ۾شايع ٿيو، جنهن جي قيمت 12 آنا ڄاڻايل آهي. هي ڪتاب انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شوري جي لائبرريءَ ۾ محفوظ آهي.


لفظ جانورن جي طبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو